اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزارت جي 6 ادارن کي بند ڪرڻ ۽ 4 کي ضم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب وزارت جي 6 ادارن کي گهٽ عملي سان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف ادارن جي رائٽ سائزنگ جو عملدرآمد پلان 20 جنوري تائين شيئر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نسٽ کي معيار بهتر ڪرڻ ۽ 100 يونيورسٽين ۾ جڳهه ٺاهڻ جو پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي کي پنجن سالن ۾ بچت جو پلان پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب ڪائونسل فار ورڪس اينڊ هائوسنگ ريسرچ، پاڪستان ڪائونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪائونسل فار رينيو ايبل انرجي ٽيڪ کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس جي ٻين لاڳاپيل ادارن سان ضم ڪرڻ جي تجويز آهي.
پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي ڊجيٽل ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته پاڪستان حلال اٿارٽي ۽ پاڪستان ڪائونسل فار سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ جي ڪارڪردگي کي ٿرڊ پارٽي جائزي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت ۾ عملي جي شرح ۾ اڌ تائين گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي.
Next Post
You might also like