ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي گهر ۾ ٿيل واردات بابت پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪرينا ڪپور پوليس کي بيان ڏنو ته چور انتهائي ڪاوڙ ۾ هئڻ باوجود سندس زيورن کي هٿ به نه لاتو.
ڪرينا ڪپور موجب، جوابدار مزاحمت تي مڇرجي پيو،جڏهن ته هو سندس جيولري تائين پهچي ويو هو ۽ دٻا به کوليائين پر ڪنهن هڪ کي به هٿ نه لاتو.
ياد رهي ته سيف علي خان تي خميس جي رات هڪ اڻڄاتل شخص سندس گهر ۾ گهڙي حملو ڪيو هو، جنهن دوران اداڪار سخت زخمي ٿي پيو هو، کيس فوري طور استپال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪيئي سرجرين کانپوءِ سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.