ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل اُروَشي روٽيلا کي سيف علي خان تي حملي بابت ڏنل غير ذميوار بيان تي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
هڪ انٽرويوءَ دوران هن سيف تي حملي جي مذمت ته ڪئي، پر ان سان گڏ پنهنجي قيمتي زيورن جي نمائش پڻ ڪئي ۽ سيف بدران پنهنجي مهانگي هيري جي گهڙي ۽ مُنڊي بابت تبصرو ڪرڻ لڳي.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن اداڪارا جي رويي کي اڻ وڻندڙ ۽ بيحسي قرار ڏيندي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي.
ان کانپوءِ اداڪارا هڪ بيان جاري ڪندي پنهنجي عمل تي معافي گهري ۽ چيو هوءَ صورتحال جي سنگيني بابت اندازو نه لڳائي سگهي.
هن چيو ته ” سيف علي خان صاحب، مان پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ غير ذميواري تي شرمسار آهيان، هاڻي جڏهن مون کي اوهان سان پيش آيل واقعي جي سنگيني بابت اندازو ٿيو آهي ۽ مان دل سان معافي جي طلبگار آهيان.“
ياد رهي ته سيف علي خان تي خميس جي رات هڪ اڻڄاتل شخص سندس گهر ۾ گهڙي حملو ڪيو هو، جنهن دوران اداڪار سخت زخمي ٿي پيو هو، کيس فوري طور استپال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪيئي سرجرين کانپوءِ سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like