ممبئي(ويب ڊيسڪ ) نوجوان ڀارتي اداڪار امان جئسوال روڊ حادثي ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 23 ورهين جو ٽي وي اداڪارا امان جئسوال جمعي جي ڏينهن ممبئي جي علائقي جوگيشوري ( ويسٽ ) ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو هِل پارڪ روڊ ويجهو منجهند ٽِين وڳي پيش آيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرڪ ڊرائيور موٽر سائيڪل تي سوار امان جئسوال کي ٽڪري هنيو، زخمي ادڪارا کي ترت ويجهي استپال نيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيووڃي.
You might also like