آئيني عدالتن جي قيام خلاف داخل درخواست تي وڪيل ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني عدالتن جي قيام خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار چيو ته آئيني عدالتن جي قيام کانپوءِ درخواست غير اثرائتي ٿي وئي آهي، درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته درخواست جو وڪيل بئريسٽر علي طاهر ڪٿي آهي؟ درخواست گذار چيو ته وڪيل شهر کان ٻاهر آهي جنهن سبب هو پيش ناهي ٿي سگهيو، عدالت درخواست گذار کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا توهان جو وڪالت نامو عدالت ۾ آهي؟، درخواستگذار چيو ته هو درخواستگذار آهي، عدالت درخواستگذار کي چيو ته توهان درخواست ۾ هڪ پٽيشنر آيو، توهان سمورن جون درخواستون ڪيئن ٿا واپس وٺي سگهو؟ اهڙي طرح درخواست واپس نٿي وٺي سگهجي، بئريسٽر علي طاهر سمورن درخواستگذارن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هو ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي، عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. اسرائيلي ڪابينا غزا جنگ بندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

يروشلم (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بجمن نيتن ياهو جي سربراهي ۾ ٿيل سيڪيورٽي ڪابينا حماس سان جنگ بندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا حڪومت کي جنگ بندي معاهدو قبول ڪرڻ جي سفارش ڪئي. حڪومتي ڪابينا اجلاس ۾ به منظوري ورتي ويندي جيڪا اسرائيلي آئين تحت لازمي  آهي. منظوري ملي وئي ته آچر تي پهريون اسرائيلي يرغمالي آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير موجب پهريون آزاد ٿيندڙ اسرائيل يرغمالي آمريڪي شهري هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.