ڪراچي ۾نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر) منگھوپير پوليس نينگري سان زيادتي جي الزام ۾ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ضلعي اولهه پوليس جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب منگھوپير پوليس ڳجهي ذريعن کان مليل اطلاع تي 14 ورهين جي معصوم نينگري سان زيادتي ڪندڙ مک جوابدار صفدر خان ولد بختيار خان کي گرفتار ڪري ورتو.جاچ دوران جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته متاثر نينگري جي پيءُ سندس ماءُ کي ڀيڻ بڻائي ڇڏيو هو، نينگري جو پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي منهنجي ماءُ وٽ ڇڏي ويو هو، ان جو ناجائز فائدو وٺي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ نينگري جي چوڻ تي کيس چاچي جي  گهر ڇڏي آيو هئس. واقعي جي خبر سوشل ميڊيا تي اچڻ تي هن پنهنجو موبائل فون بند ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.ترجمان موجب واقعي جو اطلاع مقتول جي ماءُ پاران منگھو پير پوليس کي ٻڌايو ويو، جڏهن ته پوليس سندس فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس گرفتار جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

  1. القادر يونيورسٽي جي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏينديس: مريم نواز

اوڪاڙا (م ڊ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس کانپوءِ القادر يونيورسٽي مون وٽ اچي وئي آهي اتان جي ٻارن کي به اسڪالرشپ ڏينديس، اوڪاڙا ۾ تقريب دوران خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ملڪ کي نفرت نه، اتحاد گهرجي، ملڪ کي ڏڦيڙ نه، امن گهرجي، منهنجي دل چاهي ٿي ته ٻارن کي هٿ ۾ اسڪالرشپ ڏيان، پيٽرول بم نه، هن چيو ته جن ٻارن کي پيٽرول بم ڏنا ويا اُهي اڄ جيلن ۾ آهن، کين پوليس تي حملا ڪرڻ جي سکيا ڏني وئي، نوجوانن کي سيکاريو ويو ته سوشل ميڊيا تي جيڪو ڏسن، ان تي اکيون بند ڪري يقين ڪن، جن کي  ورغلايو ويو هو، اڄ جيلن ۾ آهن، مريم نواز چيو ته منهنجي پيءُ 45 سال ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، نواز شريف کي اقامه تي نيڪالي ڏني وئي، مون کي پنهنجي پيءُ سان گڏ بيهڻ جي سزا ڏني وئي، هن چيو ته اڄ 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو آيو آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ چوري ثابت ٿي وئي، عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جيڪو چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي ڪرپشن تي سزا ٻڌائي وئي، مريم نواز چيو ته اڄوڪي فيصلي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏٺي وئي، هي شخص(عمران خان ) اڄ ساڳي ئي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي جنهن ۾ نواز شريف ۽ مان قيد هئاسين، منهنجي سيل ۾ ڪئمرائون لڳايو ويون هيون، جيل هڪ ويلي جي ماني ڏني ويندي هئي، سٺي ڳالهه آهي منهنجو وزن گهٽجي ويو، هن چيو ته وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو، ان شخص کي جيل ۾ چڱو کاڌو ۽ ٻيون سهولتون ملي رهيون آهن.

اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، مريم نواز جو چوڻ هو ته القادر يونيورسٽي سرڪاري تحويلي ۾ ڏئي ڏني وئي آهي، هاڻي اها يونيورسٽي مون وٽ اچي وئي آهي، القادر يونيورسٽي جي شاگردن کي به اسڪالرشپ ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.