ڪرم ۾ امن ڪوششون ناڪام، ڊرائيورن کي قتل ڪري سامان ڦرڻ جو انڪشاف

پشاور (م ڊ) ڪرم جي علائقي بگن ۾ پارا چنار ويندڙ گاڏين جي قافلي تي ٿيل حملي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ڊرائيور شهيد ٿيا ۽ 5 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا، جوابي ڪارروائي ۾ 6 حملي آور مارجي ويا، 10 ڄڻا اڃا تائين لاپتا آهن. لوئر ڪرم جي علائقي اڙوالي مان 4 ڊرائيورن جا لاش مليا، مارجي ويلن کي تشدد کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. واپاري اڳواڻ موجب 35 ٽرڪن مان سامان جون 2 ٽرڪون واپس ٽل پهتيون، 10 کان مٿي ٽرڪن کي ڦرڻ بعد باهه ڏني وئي، 30 کان وڌيڪ ٽرڪن مان اربين رپين جو سامان ڦريو ويو. گرينڊ جرڳي ميمبر موجب امن معاهدي جي ڀڃڪڙي ذميوارن کي سامهون رکنداسين، بگن حملي سان امن جي ڪوششن کي ڌڪ رسيو  آهي. رستن جي بندش ۽ حملا انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهن. ضلعي انتظاميا موجب امن لاءِ ڪوششون جاري آهن. اڳوڻي وفاقي وزير ساجد طوري موجب حڪومت جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي، حملي دوران جوابي ڪارروائي مان مطمئن نه آهيون. جلال بنگش موجب حڪومت کي انصاف لاءِ 3 ڏينهن ڏنا آهن، ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ شڪايت نه ڪئي وڃي. واقعي کانپوءِ صوبائي حڪومت پڻ منظر تان گم آهي ۽ ڪو بيان به سامهون ناهي آيو. ٻئي پاسي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف امڪاني آپريشن کي ڏسندي ٽي ڊي پي ڪيمپون قائم ڪيون ويون. ڊي سي متاثرن لاءِ ٽل ۽ هنگو ۾ ڪيمپون قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.