عمران خان کي آزاد ڪريو: قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج

اسلام آباد (م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزا فاطما چيو ته ملڪ ۾ وي پي اين تي ڪا پابندي ناهي، سوشل  ميڊيا پليٽ فارم به هلي رهيا آهن، سست انٽرنيٽ جو سبب گذريل حڪومت جو آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ڪيو. قومي اسيمبلي اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اپوزيشن ميمبرن سوالن جي وقفي دوران ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسپيڪر طرفان اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن احتجاج ڪيو. پي ٽي آءِ ميمبرن عمران خان کي آزاد ڪريو ۽ گولي ڇو هلائي جا نعرا هنيا. قومي اسيمبلي جي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڊيسڪون وڄايون ويون. اسپيڪر پي ٽي آءِ جي احتجاج کي نظرانداز ڪندي سوالن جو وقفو جاري رکيو. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خٽڪ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس پارٽي جي ميمبرن احتجاج ۽ نعرا هنيا. تنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو. سوالن جو وقفو جاري هو ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر اقبال آفريدي ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي جنهن تي اسپيڪر اياز صادق ايوان ۾ ميمبرن جو انگ گهٽ ڏسي اجلاس سومر شام پنجين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.