خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، پنج خوارج ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي علائقي تيره ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 5 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، 17 جنوري تي سيڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي تيره ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 خوارج مارجي ويا.
مارجي ويل خوارج جو ليڊر عبدالله عرف ” تراب “ پڻ شامل آهي، جڏهن ته هڪ خوارج کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.
مارجي ويل خوارج علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشت گردي جي ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جو قتل ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشت گردي جي ناسور کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.