ڪجهه طريقا ۽ پوءِ پئسا ئي پئسا

فيسبڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مقبول سوشل ميڊيا سروس آهي، جنهن جي ماهوار واهپيدارن جو انگ 3 ارب کان وڌيڪ آهي.
ان کانسواءِ فيسبڪ آن لائن پيسا ڪمائڻ لاءِ پڻ بهترين ذريعو آهي۔
حقيقت ۾ ڪيترائي ماڻهو فيس بڪ ذريعي اضافي آمدني حاصل ڪري رهيا آهن.
پر فيسبڪ ذريعي پيسا ڪمائڻ لاءِ اوهان جي پيج تي ڪيترا فالوئرز هجڻ ضروري آهن؟
ان لاءِ مختلف شيون ذهن ۾ رکڻ ضروري آهن جهڙوڪ اوهان ڪهڙي فيسبڪ پروگرام ذريعي پيسا ڪمائڻ چاهيو ٿا، ان مطابق فالوئرز جو انگ ۽ ٻيا شرط پورا ڪرڻ لازمي آهي.
واضح رهي ته هر فيسبڪ پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ فيسبڪ ڪميونٽي اسٽينڊرڊز ۽ پارٽنر مونيٽائيزيشن پاليسين تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.

فيسبڪ اسٽارز
هي فيچر سڀ کان پهرين 2021 ۾ مختلف ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ هڪ سال بعد پاڪستاني واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو
ان فيچر سان ڪو به صارف پنهنجي تصويرن، وڊيوز، لائيو اسٽريمز يا تحريرن پوسٽس ذريعي پيسا ڪمائي سگھي ٿو.
فيس بڪ اسٽارز لاءِ واهپيدارن کي پنهنجو هڪ پيج ٺاهڻو پوندو جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ 60 ڏينهن تائين 500 فالوئرز هجڻ ضروري آهن.
اهڙي طرح ذاتي پروفائل ۾ پروفيشنل موڊ کي ان ايبل ڪري به ان پروگرام جو حصو بڻجي سگھجي ٿو، پر گهٽ ۾ گهٽ فالوئرز جي تعداد 500 ضروري آهي.

ان اسٽريم ايڊز (In-stream ads)
فيسبڪ جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو اشتهار آهن ۽ واهپيدار به ان مان حصو حاصل ڪري سگھن ٿا.
عام طور تي ان اسٽريم ايڊز فيسبڪ وڊيوز جو حصو بڻجن ٿا ۽ ان پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ هڪ اهڙو فيسبڪ پيج ٺاهڻ ضروري آهي جنهن جا فالوئرز گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار هجڻ گهرجن.
ان کانسواءِ پيج تي گذريل 60 ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 6 لک ويورز هجڻ ضروري آهن.

برانڊ ڪولابس
ان پروگرام جو حصو بڻجڻ ان اسٽريم ايڊز جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسان آهي.
بس اوهان کي ڪنهن برانڊ سان ڀائيواري ڪرڻي آهي جنهن جي عيوض اوهان کي آمدني حاصل ٿيندي
ان پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1000 فالوئرز وارو پيج ضروري آهي.

سبسڪرپشنز
هن پروگرام ذريعي فيسبڪ کان آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ فيسبڪ پيج ٺاهڻ ضروري آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار فالوئرز هجڻ گهرجن.

فيسبڪ ريلز
مئي 2023 ۾ ميٽا ڪمپنيءَ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندڙن لاءِ ريلز وڊيوز ذريعي آمدني حاصل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ آسان بڻائڻ جو اعلان ڪيو.
هن مقصد لاءِ هڪ نئون پروگرام متعارف ڪرايو ويو جنهن تحت فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل مختصر وڊيوز ۾ اضافي اشتهار ڏيکاريا ويندا.
هي پروگرام ڪمپني طرفان آمدني شيئرنگ جي رواجي طريقيڪار کان ڪجهه مختلف آهي.
ميٽا ٻڌايو آهي ته نئين ماڊل تحت تخليقي ڪارڪنن کي انهن جي پبلڪ ريلز وڊيوز جي ڪارڪردگي تي پيسا ڏنا ويندا.
سولن لفظن ۾ واهپيدار جي وڊيو کي جيترا وڌيڪ دفعا ڏٺو ويندو، آمدني اوتري وڌيڪ ٿيندي، جيتوڻيڪ ان وڊيو تي اشتهاري آمدني گهٽ ڇو نه هجي.
في الحال 52 ملڪن جا واهپيدار ان نئين پروگرام جو حصو بڻجي سگهن ٿا، جن کي ڪجهه شرط پورا ڪرڻا پوندا، پر هن وقت پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل نه آهي.
انهن واهپيدارن لاءِ ضروري هوندو ته کين پيمنٽ پروگرام لاءِ دعوت ڏني وڃي يا سندن اڳ ۾ اسٽريم ايڊز (ads) جو رڪن هجڻ لازمي هوندو.
انهن واهپيدارن وٽ هڪ پيج هجڻ لازمي آهي يا نئون پيج ٺاهڻ ضروري هوندو، يا پروفائلز تي پروفيشنل موڊ ان ايبل ڪرڻ ضروري آهي.
انهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.