” هڪڙو ماڻهو آهي جيڪو عمران خان کي بچائي سگهي ٿو“ قانون واري وزير اهم بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس هڪ قانوني معاملو آهي ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف کي سياسي پختگي ڏيکارڻ گھرجي ته عدالتي معاملن کي سياسي معاملن سان نه جوڙيو وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ان پوزيشن ۾ ناهي جو 14 سال قيد جي سزا کان پوءِ عمران خان لاءِ ڪو حڪم جاري ڪري. پر ”ها، هڪ شخص وٽ اهو اختيار موجود آهي.“
قانون واري وزير جو چوڻ هو ته قيدي ۽ ملڪ جي سربراهه يعني صدر جي وچ ۾ اِهو معاملو ٿي سگهي ٿو، آرٽيڪل 45 تحت صدر وٽ اهو اختيار آهي، ۽ ان تي عدالتي فيصلا پڻ موجود آهن.
جيڪڏهن عمران خان صدر آصف علي زرداري کي مرسي پٽيشن (رحم جي اپيل) ڏئي ته هو کيس معافي ڏياري سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو صدر کي رحم جي اپيل ڪري ۽ صدر سمجهي ٿو ته اهو ماڻهو رحم جو قابل آهي ته هو معافي ڏئي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.