ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )دسمبر 2019ع دوران پاڪستان جي پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض برطانيا جي نيشل ڪرائم ايجنسي کي تصفيي جي مد ۾ 190 ملين پائونڊ ادا ڪيا، هن سيٽلمينٽ ۾ لنڊن جي هڪ پراپرٽي ”ون هائيڊ پارڪ پليس” شامل هئي جنهن جي ماليت 50 ملين پائونڊز ٻڌائي وئي.
قانون واري اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪا رقم اين سي اي طرفان تصفيي جي صورت ۾ حاصل ڪئي وئي هئي، اها پاڪستان جي وفاقي حڪومت کي واپس ملڻي هئي، جنهن کي اسٽيٽ بينڪ جو اڪائونٽ نمبر ون چيو وڃي ٿو.
پر هن چيو ته عمران خان جي ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ بند لفافي ذريعي منظوري ورتي وئي ته ان کي سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي عوام لاءِ طئي ڪيل ان معاوضي ۾ ايڊجسٽ ڪيو وڃي جيڪي بحريه ٽائون کي ادا ڪرڻا آهن.
اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ان معاملي ۾ نيب کي جاچ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته اٽارني جنرل جي آفيس ذريعي سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪئي ته هي پيسو پاڪستان جي عوام جو آهي، تنهنڪري اِهو وفاقي حڪومت کي واپس ڪيو وڃي.
قانون واري وزير موجب، سپريم ڪورٽ جڏهن ڪيس داخل ڪيو ته پئسا وفاقي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا هئا.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ نومبر 2024 ۾ بحريه ٽائون جي تصفيي دوران عدالت عظميٰ ۾ جمع ڪرايل 35 ارب رپيا وفاقي حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
You might also like