راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته اسان کي هڪ مهيني کان ڄاڻ هئي ته عمران خان کي سزا ڏني ويندي، پر جڏهن اسان اڄ عدالت جي ڪمري ۾ بيٺا هئاسين ته ان نظام تي ڏک ٿيو. عمران خان جي ان سزا کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين.
احتساب عدالت جي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان الزام لڳايو ته جڏهن جج فيصلو ٻڌائي رهيو تڏهن حسن ايوب تماشو ڏسندڙ صحافي وٺي آيو انهن ايڏو ته گوڙ ڪيو جو عمران خان ميڊيا سان ڳالهائي ئي نه سگهيو. ان ڪري ذميواري اسان تي آئي ته اسان ٻڌايون ته اڄ ڇا ٿيو.
عليمه خان موجب، عمران خان چيو ته سڀني کي حمود الرحمان ڪميشن پڙهڻ گهرجي جنهن ۾ لکيل آهي ته جنرل يحيٰٰ پنهنجي ذات لاءِ اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو ڪيو ۽ پنهنجي اقتدار لاءِ هن ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته جيئن اِهو تاريخ جو حصو آهي، تيئن عمران خان جي سزا به تاريخ جو حصو ۽ ڪڙي آهي.
عليمه خان الزام لڳايو ته عمران خان کي جيڪا اڄ سزا ڏني وئي، ان ۾ سزا ٻڌائڻ واري جج جاويد ناصر جي جرئت کي داد ڏيان ٿي، شايد هو ڪا ترقي ڏسي رهيو هوندو يا مٿس دٻاءُ آهي، پر سندس فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، سزا ان لاءِ ڏني وئي آهي ته توهان يونيورسٽي ڇو ٺاهي.
هن چيو ته اسان ان فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين، پر اسان کي ڏک ٿيو. عمران خان جنهن حوصلو سان فيصلو ٻڌي رهيو هو ۽ اسان کي تسلي ڏئي رهيو هو اِهو بيان ڪرڻ جوڳو ناهي.
You might also like