وڏي وزير ٽن ڏينهن واري لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽن ڏينهن جي لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.
وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع ۾ پهچي ويو.
وڏي وزير جي آمد تي فشريز اينڊ لائيو اسٽاڪ واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، سيڪريٽري فشريز اينڊ لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي ۽ ٻين سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ فشريز اينڊ لائيو اسٽاڪ واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع جي ربن ڪاٽي افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ثقافت ۽ سياحت وارو صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا.
سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ بلوچستان جي فشريز واري وزير فيصل خان جمالي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025 جو دورو به ڪيو.
سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ 2 هزار جانور، هڪ هزار کان وڌيڪ پکي، 11 قسمن جون ڳئون، ٻن قسمن جون مينهون، 17 قسمن جون ٻڪريون، چئن قسمن جون رڍون، پنجن قسمن جا گهوڙا، ٻن قسمن جا اُٺَ، ٽن قسمن جا نانگ ۽ ٻيا جانور شامل آهن.
سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع 19 جنوري تائين جاري رهندو.
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جو چوڻ آهي ته نمائش ۾ مختلف قسمن جي جانورن کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، لائيو اسٽاڪ شعبي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.
هن چيو ته ايڪسپو سينٽر ۾ جاري نمائش جو مقصد اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ ڪرڻ آهي، هي هڪ تاريخي ۽ پهريون لائيو اسٽاڪ ميلو آهي، هن ۾ مختلف قسمن جا جانور نمائش لاءِ موجود آهن.
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته لائيو اسٽاڪ کي عالمي سطح تي آندو ويندو، هن شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، نمائش واپارين لاءِ هڪ سٺو پليٽ فارم آهي.
بلوچستان جي صوبائي وزير فيصل خان جمالي چيو ته بلوچستان ۾ به اهڙو پروگرام ڪرايو ويندو، ملڪ ۾ هي اهم شعبو آهي، هن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.