راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني هئڻ گهرجي ۽ جيترو عرصو جيل ۾ رهڻو پيو، رهندس.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جي فيصلي کانپوءِ فيصل چوڌري اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ هن جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايو.
فيصل چوڌري موجب، عمران خان چيو آهي ته قانون ۽ آئين جي حڪمراني هئڻ گهرجي ۽ هو هر حال ۾ جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار آهي.
هن ٻڌايو ته بشريٰ بي بي کي ٿوري دير ۾ اڊيالا جيل جي سيل ۾ منتقل ڪيو ويندو. بشريٰ بي بي جو چوڻ آهي ته هوءَ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان گڏ بيٺي ۽ هميشه بيٺل رهندي.
فيصل چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان هيءَ ميچ کٽينداسين، هي ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف جو ميچ آهي، جيڪا عمران خان کٽيندو.
ياد رهي ته اڄ احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
You might also like