بلاول اڄ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪري تقريب کي خطاب ڪندو

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ جمع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.  بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ملڪ جي پهرين آئين ساز اسيمبلي جي منعقد ٿيڻ جي ياد ۾ هڪ خاص تختي لڳائيندو. بلاول ڀٽو ”قائداعظم جي خوشحال پاڪستان جو خواب“ جي عنوان تي تقرير ڪندو. تقريب شام 4 وڳي ٿيندي، پ پ چيئرمين جي آمد سبب مهمانن جا پاس  رد ڪيا ويا آهن. اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل ملازمن کي به ڪالهه اڻ اعلانيل موڪل ڏني وئي آهي.

  • اين ايڇ اي پاران ٽول ٽيڪس چوٿون ڀيرو وڌائڻ جو اشارو

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت ڊويزن ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته بيوروڪريسي اسان کي گهمائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، اسان ڪو ڄٽ  ٿورئي آهيون؟ اجلاس دوران اقتصادي معاملن بابت ڊويزن ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڪوريا ڀاءُ آهي، قرض ڏئي ٿو پر اهو نٿو ٿي سگهي ته پنهنجي ڪمپنين کي فل ريٽ تي هائير ڪري، ڪمپني جو ٽائم ضايع ڪيو پيو وڃي. جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ڪوريا کي ٻڌايو وڃي ته اهڙي معاهدي سان اسان جو آئين متاثر ٿئي ٿو. سينيٽر هدايت الله چيو ته مان هن ڪميٽي مان وڃي رهيو آهيان، هتي ويهڻ جو ڪو فائدو ناهي، اين ايڇ اي ٽول پلازن جا 6 مهينن ۾ 3 ڀيرا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن ان موقعي تي وضاحت ڏيندي چيو ته 2018 ۾ اين ايڇ اي ٽول اگهه وڌائي ڇڏيا هئا، ٽول اگهن جو هر ٽن سالن ۾ وڌائڻ لازمي هوندو آهي، 2021 ۾ ٽول اگهه نه وڌايا ويا هئا، ان لاءِ هاڻي اگهه وڌايا ويا، 100 سيڪڙو ٽول اگهه وڌائڻا هئا جنهن کي اسان ٽڪرن ۾ وڌايو. 6 سالن کانپوءِ ٽول اگهه وڌايا ويا، ان لاءِ وڌيڪ لڳي رهيو آهي، چوٿون ڀيرو به ٽول اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.