هن وقت پاڪستان وڏي خطرناڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. آخرڪار ٿيندو ڇا؟ نه ملڪ جي معاشي حالت بهتر آهي ۽ نه وري سياسي صورتحال. اڻ ڄاڻ به ڄاڻي ٿو ته ان صورتحالن جو مقابلو ٻڌيءَ کان سواءِ ڪيئن ڪبو؟ جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحاڪم پيدا نه ٿيندو تيستائين ملڪ ڪڏهن به اونداهيءَ مان روشني طرف نڪري ڪونه سگهندو. ملڪ جي ڳوٺن ۾ بجلي ناهي. گئس ناهي، باقي ڪهڙي منهن سان ايٽمي ملڪ سڏرايون ٿا؟ عوام کي پٿر واري زندگيءَ ۾ ڌڪيو ويو آهي. ايٽمي ملڪ ۾ گئس جا نوان ڪنيڪشن ڪافي سالن کان بند پيل آهن. ڳوٺن ۾ بجلي ناهي. ماڻهو ڪنهن جي در ڏين دانهن ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي. بلڪل ائين جيئن چئو طرف هڪ پارٽي جا چونڊيل نمائندا هجن ته عوام جو داد فرياد ڪير ٻڌي ۽ انصاف ڪري؟ ان لاءِ ڪجهه سوچيو خدارا ڪجهه ته گهوڙن کي لغام ڏيو. هوڏانهن ايوان صدر ۾ خفيا ملاقاتون شروع ٿي ويون آهن. هلندڙ مهينن ۾ اسلام آباد ۾ وڏي سياسي تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري نائب وزيراعظم ڪڏهن به ڪونه ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته نائب وزيراعظم جي عهدي ۾ ڪابه سياسي طاقت ناهي. صرف عهدو آهي. بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير ٿيڻ تي سوچي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو عهدو به وڏي ذميواري رکندڙ عهدو آهي. پر ن ليگ بمشڪل وزير خارجه وارو عهدو پي پي کي ڏيندي. ايوان صدر ۾ جيڪا ملاقات ٿي آهي ان ۾ ن ليگ جا فيصلا ڪندڙ اڳواڻ پڻ موجود هئا. اهي خفيا ملاقاتون ن ليگ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ٿي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته پي پي ۽ ن ليگ ۾ اختلاف تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. آصف زرداري چاهي ٿو ته سندس حال حيات عمر ۾ پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائي ڇڏي. پر اصل ۾ ن ليگ به ان ساري عمل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ن ليگ پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي وزير خارجا جهڙي عهدي جي به آڇ ڪرڻ وڃي رهي آهي. ان آڇ تي پ پ سوچي رهي آهي. پر اصل معاملو وري به قيدي 804 جو آهي. ن ليگ سياسي ڄار ۾ ڦاٿل ڏسجي ٿي. جيڪڏهن پي پي ن ليگ جو ساٿ ڇڏي ٿي ته پوءِ حڪومت ڊهي ويندي.
بحرالحال مارچ ۾ حڪومت تبديل ٿي چڪي هوندي يا بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو يا وزير خارجا يا حڪومت گهر ڀيڙو ٿيندي. جنهن عهدي بابت تبديلي ٿيندي آهي ته ان بابت ان عهدي لاءِ ترديدون اچڻ شروع ٿي وينديون آهن. سو سيد ناصر حسين شاهه به وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي وڏ وزارت بابت تبديليءَ جي افواهن جي پرزور مذمت ڪري رهيو آهي. پر تبديلي جا افواهه هلي رهيا آهن ۽ وزارت اعليٰ لاءِ شرجيل انعام ميمڻ جو نالو اڳڀرو آهي ۽ وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل آهي. پر فيصلو قيادت کي ڪرڻو آهي. سو لڳي ٿو ته اسلام آباد ۾ سياسي ٽوپي هيٺان شرطي ڪلابازيون ڏيندڙ ڪبوتر نڪرندو جيڪو سڄي ملڪ جي سياسي سسٽم کي ڪلابازين وسيلي حيران ڪري ڇڏيندو.