وڏي ۽ صحتمند عمر جو راز، 124 سال عمر جي عورت جو وڏو ۽ سولو مشورو!

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي ڊگهي عمر واري عورت پنهنجي هڪ سئو چوويهين سالگره ملهائي.

چيني ميڊيا موجب چيو چياشي نالي عورت پهرين جنوري اڻويهه سئو هڪ تي سيچوان صوبي جي شهر نانچونگ ۾ پيدا ٿي هئي.

پنهنجي هڪ سئو چوويهين سالگره تي عورت ڊگهي عمر جو راز ميڊيا سان شيئر ڪندي ۽ سادي طرز زندگي گذارڻ تي زور ڏيندي چيو ته هوءَ هر کاڌي کانپوءِ پنڌ ضرور ڪندي آهي، رات جو اٺين وڳي سمهي رهندي آهي ۽ صبح جو سوير جاڳندي آهي.

چيو چياشي ٻڌايو ته انهن جي منڍ واري زندگي ڏاڍي ڏکيائين ۾ گذري، چاليهه سالن جي عمر ۾ مڙس فوت ٿي ويو جنهن کانپوءِ چئن ٻارن کي اڪيلو سر ئي پاليو، ستر سالن جي عمر ۾ وڏو پُٽ فوت ٿي ويو ته نُنهن ٻئي شادي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي منهنجي ئي گهر ۾ ڇڏيو، پنهنجي پوٽِي جي سار سنڀال به مون اڪيلي سِر ئي ڪئي.

رپورٽ موجب چيني شهر نانچونگ ۾ نوَ سئو سٺ ماڻهن جون عمريون هڪ سئو سال کان مٿي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.