مصر ۾ شادي جي هڪ اهڙي تقريب جا چرچا آهن، جنهن ۾ گهوٽ هڪ ۽ ڪنوارون ٽي هيون ۽ ٽئي خوش نظر اچي رهيون هيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان انوکي شادي جي تقريب جي وڊيو سوشل ميڊيا تي نوجوان گهوٽ پاڻ شيئر ڪئي، ٽئي ڪنوارون هڪ ئي پارلر مان تيار ٿيون ۽ هڪجهڙو ئي لباس پاتو.
ڪنوارن جا نالا اسما، بوسي ۽ اميرا آهن، انهن ٽنهي سان محبت ڪندڙ نوجوان محمد ٽنهي کي شريڪ حيات بڻائڻ جو فيصلو ڪيو.
گهوٽ ٻڌايو ته منهنجي پهرين محبت اميرا آهي، جيڪا پاڙيسري پڻ آهي پر پوءِ مون کي بوسي سان پيار ٿي ويو ۽ انهن ٻنهي جي هوندي اسما کي به دل ڏئي ويٺس.
هن وڌيڪ چيو ته مون لاءِ اهو ممڪن نه هو ته انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪ کانسواءِ رهي سگهان، تنهن ڪري مان ٽنهي کي راضي ڪيو.
You might also like