مولانا فضل الرحمان جي حيثيت عمران خان سان مقابلي جي ناهي: گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان توهان جي سياسي حيثيت عمران خان جي مقابلي جيتري ناهي.
صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان کي خيبر پختونخواهه جي چونڊن تي اعتراض آهي ته اچو تڪ کوليون ٿا، مولانا صاحب توهان سان دوکو ضرور ٿيو آهي، جيڪي واعدا ٿيا هئا، اهي پورا ناهن ٿيا.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙا بيان ڏيندو ته مان وڏي وزير طور جواب ڏيندس، اسان کي نه ڳالهايو، جن توهان سان دوکو ڪيو آهي، انهن جا نالا کڻو.
سندس چوڻ هو مولانا فضل الرحمان چئي ٿو ته منهنجي ٽئين درجي جي ليڊرشپ عمران خان سان ملندي، توهان جي سياسي حيثيت عمران خان جي مقابلي جهڙي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.