اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان پشاور ۾ ٿيل ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي.
اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ باني صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران بئريسٽر گوهر ۽ آرمي چيف جي ملاقات بابت سوال تي پهريان ترديد ڪندي معاملي بابت اڻڄائي جو اظهار ڪيو.
پر پوءِ عمران خان بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته آرمي چيف سان ملاقات سٺو سنئوڻ آهي، جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه شروع ٿي آهي ته اهو ملڪ لاءِ سٺو آهي، اسان به ڳالهين جا خواهشمند هئاسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي اسان سان ڳالهيون ڪرڻ کپن، مان ڪڏهن به نه چيو ته ڳالهيون نه ٿينديون، هميشه ڳالهين لاءِ در کليل رکيا، پر ٻئي پاسي کان در بند رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي ته ان ۾ پاڪستان جي استحڪام بابت ڳالهيون ٿينديون.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پڻ تصديق ڪئي ۽ چيو ته هن ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور آرمي چيف سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي.
آرمي چيف جي آڏو پي ٽي آءِ جا سمورا معاملا ۽ مطالبا پيش ڪيا ويا. اسان پنهنجا سڀ مسئلا آرمي چيف جي سامهون رکيا آهن.
هن ٻڌايو ته آرمي چيف سان ملاقات دوران ملڪ جي استحڪام بابت سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تي هاڪاري جواب مليو، اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ريت ڳالهيون سٺو سنئوڻ آهن ۽ اميد آهي ته هاڻي حالتون بهتر ٿينديون.
ياد رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين گذريل ڏينهن آرمي چيف سان ملاقات جي ترديد ڪئي هئي.
You might also like