حڪومت سان ڳالهيون، پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين اجلاس ۾ تحريڪ انصاف لکت ۾ مطالبا حڪومت حوالي ڪندي ٻه جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽين جو ٽيون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
حڪومتي ڪميٽي ۾ عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار شامل آهن، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان عمر ايوب، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور، علامه ناصر عباس ۽ صاحبزاده حامد رضا ڪميٽي جو حصو آهن.
تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب، لکت ۾ مطالبا قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق کي پيش ڪيا.
مخالف ڌر جي مطالبن جي مسوري تي ڇهن ڪميٽي ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن.
مخالف ڌر جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل ٻه جاچ ڪميشن قائم ڪيون وڃن، ڪميشن جي ججن جي مقرري تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي راضپي سان ستن ڏينهن ۾ ڪئي وڃي.
لکت واري مطالبن موجب، ڪميشن پي ٽي آءِ باني جي نو مئي بابت گرفتاري جي جاچ ڪري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز ۽ پوليس داخل ٿيڻ جي جاچ ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ نو مئي واقعن جي سي سي ٽي وي وڊيو جي جاچ ڪئي وڃي.
مخالف ڌر جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي سان لاڳاپيل ميڊيا تي سنسرشپ لڳائي وئي ۽ صحافين کي هيسايو ويو، ڪميشن سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ ڊائون جي جاچ ڪري ذميوارن جو پتو لڳائي.
لکت واري مطالبن موجب، ٻئي جاچ ڪميشن 24 کان 27 نومبر جي واقعن، اسلام آباد ۾ مظاهرين تي فائرنگ ۽ طاقت جي استعمال جو حڪم ڏيندڙن جي سڃاڻپ، شهيدن ۽ زخمين جي انگ تي اسپتال ۽ ميڊيڪل سهولتن جي سي سي ٽي وي رڪارڊنگ جي جاچ ڪري.
مخالف ڌر جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکياين ۽ ميڊيا سنسر شپ جي واقعن جي جاچ ڪري.
لکت واري مطالبن موجب، وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سميت سنڌ توڙي بلوچستان حڪومتون سمورن سياسي قيدين کي ضمانت يا سزائن جي معطلي جا حڪم جاري ڪن، ٻنهي ڪميشن جي ڪارروائي عوام ۽ ميڊيا لاءِ کليل هئڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.