اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ملي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪا روانو ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ ٽرمپ جي حلف برداري ۽ ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري کي ذاتي حيثيت ۾ دعوت ڏني وئي آهي.