هالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر ميل گبسن چيو آهي ته لاس اينجلس جي تباهي ۾ ڪيليفورنيا جو گورنر نيوسوم ملوث ٿي سگهي ٿو، هن اها جاءِ خالي ڪرائڻ پئي چاهي.
هڪ ٽي وي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي ميل گبسن ڪانسپريسي ٿيوري پيش ڪندي سوال اٿاريو ته پاڻي ڪاڏي ويو؟ پاڻي جي ذخيرا ڪير کڻي ويو؟
هن چيو ته منهنجو گهر مڪمل طور رک ٿي ويو آهي، اهو ايڏو نه سڙڻ گهرجي ها، اهي ماڻهو پاڻي سان گڙٻڙ ڪري رهيا هئا.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي سوال سامهون آيا آهن ته اهو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي، اهو سوچڻ هڪ چريائپ آهي پر ڪوئي سوچڻ لڳي ته ان جو ڪو مقصد آهي يا نه، اهو ڇا ٿو ٿي سگهي؟ اهي ڇا ٿا چاهين، ڇا رياست بي وس آهي؟ مون کي ناهي خبر.
You might also like