بنگلاديشي فوج جي پي ايس او جي پاڪ فضائيا سربراهه سان ملاقات، جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ۾ دلچسپي جو اظهار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي هٿياربند فوج جي پرنسپل اسٽاف آفيسر (پي ايس او) ليفٽيننٽ جنرل قمرالحسن جي قيادت ۾ وفد جو پاڪستان دورو جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سان ليفٽيننٽ جنرل قمرالحسن ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ پاڪ فضائيا جي سربراهه گڏيل تربيتي قدمن سان ٻنهي فوجن ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ڌرين گڏيل تربيت ۽ سهڪار جا رستا ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو.
ليفٽيننٽ جنرل قمرالحسن پاڪ فضائيا جي جديد منصوبن، ٽيڪنالاجي ۽ مقامي طور تي ڪيل ٽيڪنيڪي فريم ورڪ کي ساراهيو ۽ جديد فوجي هارڊويئر جي ايف 17 ٿنڊر ويڙهاڪ جهازن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ڀائيواري، سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.