اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته کيس ” اووو اووو “ وارو احتجاج پسند ناهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته تفريح وارو مسئلو حڪومت کي حل ڪرڻ کپي.
سندس چوڻ هو ته هن کي اووو اووو وارو احتجاج پسند ناهي، اهڙيون حرڪتون ته گدڙ ڪندا آهن پر جيڪڏهن پارٽي قيادت اووو اووو جو نعرو هڻڻ لاءِ چيو ته ضرور لڳائيندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران احتجاج ڪندي اووو اووو جا نعرا هنيا هئا.
You might also like