ملڪ رياض جو پئسو لنڊن ڪيئن ويو؟ اهم خبر اچي وئي

نيويارڪ(احمد نوراني)190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ جيڪو پئسو پاڪستان واپس آيو اهو برطانوي حڪومت پاران نه موڪليو  ويو هواها رقم برطانيا ۾ ملڪ رياض جي قائم ڪمپنين مان سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ آئي،برطانوي حڪومت سان نه اهڙو معاهدو نه ئي ان قسم جو معاهدو ٿيو آهي،ان ڪيس ۾ ن ليگ جي ماڻهن ثبوت ڏئي سڀ ڪجهه پڌرو ڪري ڇڏيو،اين سي اي پنهنجي جاچ ۾ اهو پڌرو ڪري چڪي آهي ته ان ۾ چوري ثابت ناهي ٿي،ملڪ رياض جي پنهنجي خراب ساک جي ڪري اهو ڪيس اجاگر ٿيو،هو زمينن تي قبضا ڪندو رهيو آهي، هن کي چور ڪوٺيو ويندو آهي،عمران خان کان غلطي اها ٿي ته جڏهن وزيراعظم هو ته جاچ جو حڪم ڏئي ها ته ملڪ رياض جو اهو پئسو پاڪستان کان ٻاهر ڪيئن ويو؟ان ڏوهه ۾ ايف بي آر به شريڪ جرم آهي،هن وقت به نوازشريف هجي يا شهباز شريف ملڪ رياض تي ڪڏهن به هٿ نه وجهندا،ان ڪيس ۾ ان وقت جي وزيراعظم ڪهڙن اختيارن کي اورانگهيو؟ ان جي ڪا به وضاحت ناهي،اهو پئسو ملڪ رياض ٽيڪس بچائي برطانيا کڻي ويو هو،ان قسم جو پئسو جڏهن پڪڙيو ويندو آهي ته ان تي سزا ناهي ايندي رڳو ٽيڪس يا ڏنڊ لڳندو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 14 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.