اسلام آباد (عمران شفقت) 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ملتوي ٿي ويو آهي. اهي معاملا رياستي سطح تي سادا ناهن هوندا. ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه هوندو آهي. ٻنهي ڌرين جو ڪو نه ڪو معاملو هوندو آهي، ان جي ڪري اهو معطل ڪيو ويو. هن ڪيس جا اٺ جوابدار آهن، جن مان ڇهه پرڏيهه ۾ فرار آهن ۽ ٻه جوابدار پاڪستان ۾ آهن. ان ۾ فرح گوگي، زلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ ملڪ رياض به شريڪ جوابدار آهي. ملڪ رياض جو معاملو غور ڪريو ته اهو آهي ته سندس پراجيڪٽ جيڪي هن دبئي ۾ شروع ڪيا. انهن جون خبرون پاڪستان جي قومي ميڊيا تي وڏي زور شور سان هلايون پيون وڃن. هڪ ته اهو ٿي سگهي ٿو ته ميڊيا جا ساڻس واسطا آهن يا وري اهو ته ملڪ رياض جا اسٽيبلشمينٽ سان ڪٿي نه ڪٿي معاملا طئي ٿي ويا آهن. ملڪ رياض چيو هو ته مان واعدي معاف گواهه نه بڻجندس. اهو سندس ٽوئيٽ به موجود آهي. ملڪ رياض جي جيڪڏهن ڪٿي ڪا سيٽنگ ٿي چڪي آهي ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪيس تي به ڪو اثر پوندو ۽ ڇا عمران خان کي ڪو فائدو ملندو؟