وارهھ ( ن ع آ ) عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻن لال شاھه ،حڪيم زنگيجو شيرچانڊيو،محمد صلاح جي اڳواڻي ۾ شاهھ لطيف ڪالوني کان فاضل راھو چوڪ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي،جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سان ايٿوپيا،آفريڪا جهڙو حشر ڪيو پيو وڃي ڪارپوريٽ نالي ٻاھرين ماڻهن کي زمينون ڏنيون پيون وڃن، سنڌ اندر تعليم ناھي بدامني آھي،حق ڦٻايا پيا وڃن،ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي ڀڙبانگ ڪرڻ جو منصوبو آڻي رھي آھي ،اسان جو جياپو کسيو پيو وڃي، ھنن چيو ته زرداري سنڌ جو مالڪ ناھي جو سنڌي قوم جي جيئڻ مرڻ جا فيصلا پيو ڪري ،درياهه کي بند ڪرڻ سنڌ جي 7ڪروڙ عوام جي موت جي پروانو تي صحيح ڪرڻ آھي،