نيو يارڪ (م ڊ) آمريڪي رياست ايريزونا سان واسطو رکندڙ ساڄي ڌر جي ريپبليڪن ڪانگريس ميمبر اينڊي بگس پاڪستان کي 2000 کان حاصل اهم غير نيٽو اتحادي ايم اين اين اي جي اسٽيٽس کان محروم ڪرڻ لاءِ ٻيهر بل آندو. اهو بل پاڪستان جي اهم غير نيٽو اتحادي جي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ٻين مقصدن لاءِ جي عنوان سان پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي کي موڪليو ويو. پاڪستان کي 2000 ۾ ان وقت جي صدر جارج ڊبليو بش اهم غير نيٽو اتحادي جو درجو ڏنو هو. مبصرن موجب اينڊي بگس 2019 کانپوءِ اهڙا بل پيش ڪيا پر ڪنهن تي ووٽنگ نه ٿي. سفارتي ذريعن موجب اينڊي بگس جي اها ڪوشش ٽرمپ انتظاميا دوران پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوششن سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. ماهرن موجب ٽرمپ اڳ ئي پاڪستان کي ملندڙ فوجي امداد روڪي چڪو آهي، ائين لڳي ٿو ته هي پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي وڏي ڪوشش جو حصو آهي ۽ ته هو پاڻ کي چين کان پري رکي، جڏهن ته اهڙن اپائن جا ابتڙ اثر ٿي سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان چين جي ويجهو ٿي سگهي ٿو. بل جي قسمت جو فيصلو ايوان ۽ سينيٽ ۾ بحث تي اچڻ سان ٿيندو.