پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جو مهانگو ترين رانديگر ڪير؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين سيزن جي پليئرز ڊرافٽ تقريب پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڇهن فرنچائز پنهنجن اسٽارز تي ٻڌل اسڪواڊز چونڊي ورتو.
پاڪستان سپر ليگ 2025ع ۾ ڪيئي مُلڪي ۽ پرڏيهي سپر اسٽارز ايڪشن ۾ نظر ايندا.
پي ايس ايل ڊرافٽ تقريب دوران ڪروڙن جو ٻوليون لڳايون ويون ۽ هر ٽيم پنهنجي اسڪواڊ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي پسنديدا رانديگر کي پِڪ ڪيو.
ڪراچي ڪنگز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڊيوڊ وارنر کي خريدي ورتو آهي، اڳوڻو آسٽريوي اوپنر پاڪستان سپر ليگ ۾ مهانگو ترين رانديگر هوندو، ڊيوڊ وارنر کي پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک ڊالرز ملندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.