ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ شروعاتي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
اڻويهين فيبروري کان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندو.
تجربيڪار بيٽر ٽريوس هيڊ ۽ آل رائونڊر مارڪس اسٽوئنس جي ڪينگرو ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آسٽريليا جي اسڪواڊ ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز، اليڪس ڪيري، نٿن ايليس، ايئرن هارڊي، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مارنس لبوشين ۽ مچل مارش شامل آهن.
ان کان سواءِ گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، اسٽيون سمٿ، مارڪس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا کي به 15 رڪني اسڪواڊ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
واضح رهي ته ميگا ايونٽ لاءِ اعلانيل پندرنهن رڪني اسڪواڊ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز پڻ کيڏندو.
You might also like