نوَ ورهيه ڪوئيٽا کي ڏيندڙ سرفراز هن واري ڪنهن جي حصي ۾ آيو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي حضوري باغ ۾ پي ايس ايل 10 جي پليئرز ڊرافٽنگ تقريب ٿي، جتي فرنچائزز جي مالڪن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ پنهنجي، پنهنجي ٽيمون جي جوڙ جڪ مڪمل ڪئي.
پي ايس ايل 2016ع جي افتتاحي ايڊيشن کانپوءِ سرفراز احمد پهريون ڀيرو ڊرافٽ جو حصو بڻيو، پر ڪنهن به ٽيم کيس پِڪ نه ڪيو، ان باوجود ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي مالڪ نديم عمر، سرفراز احمد کي ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪيو، جڏهن ته شعيب ملڪ کي سپليمنٽري پليئر طور سليڪٽ ڪيو ويو.
نديم عمر لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرفراز احمد ڪوئيٽا گليڊئيٽرز جي جان آهن ۽ اسان کيس ڇڏي نٿا سگهون، هن سيزن ۾ سرفراز کي ڪوچ جي ڪردار ۾ هوندو، جتي هو معين خان جي نگراني ۾ سکي سگهندو.
ياد رهي ته ڪوئيٽا گليڊيئٽرز کي پي ايس ايل 4 جو ٽائيٽل کٽائيندڙ سرفراز احمد کي ٽيم گذريل سال رليز ڪيو هو، جڏهن ته پي ايس ايل 9 ۾ به سندس جاءِ تي ڏکڻ آفريڪا جي رائلي روسو کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.
سرفراز احمد سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته هو نديم عمر جو ٿورائتو آهي، جنهن کيس پنهنجي ٽيم ۾ کيڏڻ جو موقعو ڏنو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪوئيٽا سان گڏ هر پل يادگار آهي ۽ سندس نيڪ خواهشون سدائين ٽيم سان گڏ رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.