لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي ڏهين سيزن جي پليئرز ڊرافٽ تقريب پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڇهن فرنچائز پنهنجن اسٽارز تي ٻڌل اسڪواڊز چونڊي ورتو.
پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز3، 3 رانديگر چونڊيا، جڏهن ته ٻين چئن فرنچائزز هڪ، هڪ رانديگر پِڪ ڪيو.
پلاٽينم ڪيٽيگري
پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڪراچي ڪنگز ڊيوڊ وارنر، ايڊم ملني، عباس آفريدي کي پِڪ ڪيو، جڏهن ته لاهور قلندرز ڊيرل مچل کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ چونڊي ورتو.
پشاور زلمي ٽام ڪوهلر ڪيڊمور کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ”رائيٽ ٽو ميچ“ ذريعي حاصل ڪيو. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز فِن ايلن، مارڪ چيپمين ۽ فهيم اشرف کي پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو.
ملتان سلطانز مائيڪل بريسويل، اسلام آباد يونائيٽيڊ ميٿيو شارٽ تي پئسو خرچ ڪيو.
ڊائمنڊ ڪيٽيگري
ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ خوشدل شاهه ڪراچي ڪنگز، ڪاربن بوش ۽ محمد علي پشاور زلمي، جيسن هولڊر اسلام آباد يونائيٽڊ، ڪوشال پريرا لاهور قلندرز جو حصو بڻيا آهن.
گولڊ ڪيٽيگري
گولڊ ڪيٽيگري ۾ پشاور زلمي عبدالصمد (وائلڊ ڪارڊ)، ناهيد رانا ۽ حسين طلعت، ملتان سلطانز محمد حسنين، اسلام آباد يونائيٽڊ بين دروش، ڪراچي ڪنگز عامر جمال، ملتان سلطانز ڪامران غلام جي چونڊ ڪئي .
سلور ڪيٽيگري
سلور ڪيٽيگري ۾ ملتان سلطانز عاڪف جاويد، طيب طاهر (رائيٽ ٽو ميچ)، گڊاڪيش موتي، جوش لٽل کي خريد ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز مير حمزا، لٽن داس کي پِڪ ڪيو آهي.
اسلام آباد يونائيٽڊ سلمان ارشاد، محمد نواز، اينڊريز گوس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو، لاهور قلندرز آصف آفريدي، آصف علي، رشاد حسين، محمد اخلاق تي پئسو خرچ ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
ڪوئيٽا گليڊيئٽرز خرم شهزاد، حسيب الله خان، ڪائل جيميسن جي چونڊي ڪئي، جڏهن ته پشاور زلمي احمد دانيال ۽ نجيب الله زدران کي پِڪ ڪيو.
ايمرجنگ پليئرز
ايمرجنگ پليئرز ۾ ڪوئيٽا حسن نواز، محمد ذيشان، پشاور زلمي معاذ صداقت، ملتان سلطانز شاهد عزيز، عبيد شاهه، اسلام آباد يونائيٽڊ سعد مسعود، حنين شاهه، لاهور قلندرز مومن قمر، محمد ازاب، ڪراچي ڪنگز رياض الله، فواد علي کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ جاءِ ڏني آهي.
پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جا مقابلا هلندڙ سال 8 اپريل کان 19 مئي تائين جاري رهندا.