ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آن لائين وڊيو اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس جي پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ تاريخ تي ٻڌل دستاويزي سيريز “ دي گريٽسٽ رائيولري: انڊيا ورسز پاڪستان“ سڀاڻي رليز ٿيندي.
روايتي مخالف پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ مقابلن جي تاريخ تي آڌريل ڊاڪيومينٽري ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل اهم ميچن جي خوشين، ڏُکن ۽ جذبن سان ڀرپور لمحا ڏيکاريا ويندا.
ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ هن دستايزي فلم ۾ جتي سخت مقابلا، آخري بال تائين ويڙهه ۽ تاريخي ڇڪا شامل ڪيا ويا آهن اتي ليجنڊري ڪرڪيٽرن پنهنجا ذاتي تجربا ۽ يادون پڻ شيئر ڪيون آهن.
دستاويزي فلم ۾ پهرين پاڪ ڀارت ون ڊي ميچ جا تاريخي لمحا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪرڪيٽ شوقين کي ماضي ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو ڏيندا.
هيءَ سيريز رڳو ڪرڪيٽ تائين محدود ناهي پر فلم ۾ ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ۽ تاريخي رخن کي پڻ روشني وڌي وئي آهي.
ڊاڪيومينٽري ۾ ٻنهي ملڪن ۾ مختلف قومن جي رهڻي ڪهڻي، لوڪ ڪهاڻين کي انوکي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
گري ميٽر انٽرٽينمينٽ جي بئنر هيٺ ٺهندڙ دستاويزي فلم کي چندرا ديو ڀاگت ۽ اسٽورٽ سِگ ڊائريڪٽ ڪيو آهي.