نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙ جو سهارو وٺندي پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندي دنيا جي اکين ۾ مِٽي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، دنيا ۾ دهشتگردي ايڪسپورٽ ڪندڙ ڀارتي آرمي چيف هڪ ڀيري ٻيهر ڪوڙ سان ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو وري رياستي ۽ عسڪري ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي آرمي چيف جنرل اوپندرا دويدي ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي غلط بيان ڏيندي ڪشميري حريت پسندن کي پاڪستاني قرار ڏئي ڇڏيو.
هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال کي مڪمل ڪنٽرول ۾ هجڻ جو دعويٰ ڪئي آهي.
ڀارتي آرمي چيف پاڻ چين سان لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول تي صورتحال جيئن جو تيئن هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي ۽ چيني فوج ۾ اعتماد جو فقدان آهي.
You might also like