”ڀَڄو ڀَڄو“ چور هوٽل مان پڪوڙا، مڇي، رائتو ۽ سلاد کڻي فرار

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا سامهون ايندا آهن، جن تي يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، اهڙو ئي هڪ انوکو واقعو گوجرانوالا جي ريسٽورنٽ ۾ پيش آيو آهي.
گوجرانوالا جي ڪوٽ اسحاق واري علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ چور رات جي اونداهي ۾ داخل ٿيا ۽ رقم بدران پڪوڙا، مڇي، رائتو ۽ سلاد چوري ڪري فرار ٿي ويا.
ريسٽورنٽ جي مالڪ جڏهن ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي ته پوليس به چوري ٿيل سامان جو ٻڌي حيران ٿي وئي.
رپورٽ موجب اڻڄاتل چور ريسٽورنٽ جا تالا ٽوڙي فريزر ۾ رکيل ڏيڍ مڻ چڪن جا پڪوڙا، 25 ڪلو مڇي، 10 ڪلو رائتو ۽ 4 ڪلو سلاد کڻي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.