آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن شخصيت کي رليف ڏيڻ جو ناهي چيو: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن شخصيت کي رليف ڏيڻ جو ناهي چيو.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پيسا قومي ناڻي بدران ڪاروباري شخصيت جي اڪائونٽ ۾ ويا، ڪيس جو فيصلو سڀاڻي اچي ويندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو مثال نٿو ملي، پي ٽي آءِ پاڪستان کي بدنام ڪري رهي آهي، آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن شخصيت کي رليف ڏيڻ جو ناهي چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.