لاس اينجلس ۾ باهه سبب چورن کي وارو ملي ويو، خالي گهرن مان سامان ٻُهارڻ ۾ مصروف

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) لاس اينجلس ۾ باهه سبب خالي گهرن مان چوري جون وارداتون سامهون اچڻ لڳيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب لاس اينجلس ڪائونٽي جي شيرف رابرٽ لونا تصديق ڪئي ته باهه سبب خالي ڪرايل گهرن مان چوري جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، گهرن مان چوري ۽ ڦرلٽ جي الزامن ۾ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
لاس اينجلس ڪائونٽي ۾ تقريبن هڪ لک 80 هزار رهواسي باهه سبب گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا، انهن مان ڪيترائي ضروري سامان ڇڏي ويا، حالتن کي ڏسندي وڌيڪ 2 لک رهواسين کي گهر ڇڏڻ جا حڪم جاري ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.