چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سينٽنر جي قيادت ۾ 15 رڪني ڪيوي اسڪواڊ جو اعلان

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاڪستان ۾ ٽي ملڪي سيريز ۽ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪيوي ٽيم جي قيادت مچن سينٽنر ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪين وليمسن، ڊيرل مچل، مائيڪل بريسويل، مارڪ چيمپمين، ڊيون ڪونوي، لوڪي فرگوسن، ميٽ هينري، ٽام ليٿم، گلين فلپس، ول اورورڪي، رچن رويندرا، نيٿن سمٿ، بين سيئرس ۽ ول ينگ شامل آهن.
واضح رهي ته ٽي ملڪي سيريز ۾ ڪيوي ٽيم 8 فيبروري تي پاڪستان ۽ 10 فيبروري تي ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏندي، جڏهن ته سيريز جو فائنل 14 فيبروري تي کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.