جهاز حادثي ۾ 3 ڄڻا اجل جو شڪار

نيروبي (ويب ڊيسڪ) ڪينيا ۾ ننڍو مسافر جهاز هاءِ وي تي ڪريش لينڊنگ دوران تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.
جهاز مالندي هوائي اڏي کان نيروبي ڏانهن تربيتي اڏام تي هو.
مقامي اختيارين موجب اڏام جي ڪجهه ئي دير ۾ جهاز ۾ ٽيڪنيڪي خرابي پيدا ٿي، جهاز ۾ هڪ پائلٽ، هڪ انسٽرڪٽر ۽ ٽريني سوار هئا ۽ سمورا حادثي ۾ بچي ويا پر هنگامي لينڊنگ دوران جهاز هاءِ وي تي موجود ٽيڪسي ۽ موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجي ويو، جنهن ۾ ٻه موٽر سائيڪل سوار ۽ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور فوت ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.