ڪوهلي ۽ روهت جو مسقبل سواليا نشان، ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي راڄ ڪندڙ ٽيم زوال جو شڪار

آسٽريليا خلاف پنج ميچن واري ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارتي ٽيم جي شڪست تي اڃا تائين مداح صدمي مان ٻاهر نه ڪري سگهيا آهن.
ڪو وقت هو جڏهن بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ ڀارت جو دٻدٻو هوندو هو، پر هن ڀيري ٽيم مان جيڪي اميدون هيون، اهي پوريون نه ٿي سگهيون.
جتي سيريز ۾ ڀارتي بيٽرز کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو ، اتي جسپريت بمرا آسٽريليا خلاف اثرائتي ڪارڪردگي ڏيکاري.
ڀارتي ٽيم آسٽريليا هٿان شڪست سان نه رڳو ٽرافي تان هٿ مان ويٺي، پر ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو به وڃائي ويٺي.
ڀارتي ٽيم پنهنجي آخري 8 مان 6 ٽيسٽ ميچ هارائي چڪي آهي، جن ۾ هوم گرائونڊ تي نيوزيلينڊ جي هٿان وائٽ واش به شامل آهي. ٽيم اهڙي شرمناڪ ڪارڪردگي سبب ڪپتان روهت شرما ۽ اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي مستقبل بابت سوال اُٿي رهيا آهن.

ايندڙ چئلينج: انگلينڊ ۾ ٽيسٽ سيريز
ڀارت لاءِ ايندڙ اهم ٽيسٽ سيريز انگلينڊ خلاف جولاءِ ۾ شروع ٿيندي، انگلينڊ جي ڪنڊيشن اهڙي آهي جتي هڪ سيشن ۾ به راند جو رخ بدلجي سگهجي ٿو، اهڙي ڪنڊيشن ۾ ڀارتي رانديگرن جي ٽيڪنڪ ۽ حالتن سان مطابق کيڏڻ وڏو امتحان هوندو، ڀارت 2007 کان انگلينڊ ۾ ڪا به ٽيسٽ سيريز نه کٽي آهي، جيڪو پڻ ٽيم لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي.

روهت ۽ ڪوهلي جي خراب فارم تي تنقيد
شرما ۽ ڪوهلي جي فارم سيلڪٽرن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو آهي، روهت آسٽريليا ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ صرف 31 رنز ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ڪوهلي نوَ اننگز ۾ 190 رنز ٺاهيون، جن ۾ هڪ سينچري به شامل هئي.

روي ايشون جي رٽائرمنٽ ۽ اسپن بالنگ
ڀارتي ٽيم جي اسپن بالنگ ۾ روي ايشون جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ سندس اوچتو رٽائرمنٽ ٽيم جي اسپن بالنگ لائن اپ لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو آهي، سندس کوٽ هڪ وڏو چيلينج آهي، عالمي ڪرڪيٽ ۾ نوجوان اسپنرز جهڙوڪ واشنگٽن سُندر، روي بشنوئي ۽ تنوش ڪٽيَن پڻ موجود آهن، جيڪي ڀارتي ٽيم ۾ پنهنجو اثر ڇڏڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا، هونئن ته ڀارت ۾اسپن بالنگ جي تاريخ ڪامياب رهي آهي، جتي ماضي ۾ روي ايشون ۽ جاڙيجا جهڙن رانديگرن کانپوءِ موجودا اسپنرن لاءِ وڏو چيلينج آهي ته هو ان ورثي کي ڪيئن برقرار رکندا.

نوجوان ٽيلنٽ مان اميدون
ڀارت وٽ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، يَشسوي جئسوال، شُبمَن گِل ۽ ٻين نوجوان رانديگرن مان اميد آهي ته اهي مستقبل ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا، جڏهن ته بمرا، شامي ۽ ٻين فاسٽ بالررن جي موجودگيءَ ۾ ٽيم وٽ هڪ مضبوط پيس اٽيڪ هوندو.

ٽيم جي نئين سر جوڙ جڪ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڌيان
ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ نئين ٽيلنٽ کي پرکڻ لاءِ رنجي ٽرافي ۾ بهترين رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته شرما ۽ ڪوهلي سميت ٻين رانديگرن کي فارم بحال ڪرڻ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو چئي سگهجي ٿو.

ان سموري صورتحال باوجود جيڪو سوال سڀ کان اهم آهي اُهو هي آهي ته ڇا ڀارتي ٽيم پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهندي؟
ان جو دارومدار ٽيم جي نئين سر جوڙ جڪ، صبر ۽ صحيح حڪمتِ عملي تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.