مادورو ٽيون ڀيرو وينزويلا جي صدر طور حلف کڻي ورتو، آمريڪا طرفان گرفتاري لاءِ انعامي رقم ۾ واڌ

ڏکڻ آمريڪي ملڪ وينزويلا جي نڪولس مادورو طرفان ٽيون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ آمريڪا سندس گرفتاري لاءِ انعامي رقم وڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 2013 ۾ پهريون ڀيرو وينزويلا جو صدر چونڊجندڙ اڳواڻ کي گذريل سال جولاءِ جي چونڊن ۾ عدالت عظميٰ ۽ چونڊ اختيارين ڪامياب قرار ڏنو هو پر سندس فتح جا تفصيلي انگ اکر اڃا تائين سامهون ناهن آيا.
واضح رهي ته نڪولس مادورو جي 12 ورهين جي حڪمراني دوران وينزويلا شديد اقتصادي ۽ معاشي بحران جو شڪار رهيو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ ٽئين صدارتي مدي لاءِ حلف کڻڻ کانپوءِ هن چيو ته وينزويلا جي ڪمانڊر ان چيف ۽ صدر طور آئين موجب پنهنجون خدمتون انجام ڏيندو، کيس جيڪو اختيار ڏنو ويو اهو ڪنهن پرڏيهي حڪومت نه ڏنو، وينزويلا ۾ ڪو به صدر کي زبردستي نٿو مڙهي سگهي.
هوڏانهن جو بائيڊن انتظاميا منشيات سمگلنگ جي الزامن ۾ نڪولس مادورو جي گرفتاري ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ رقم ۾ واڌ ڪئي آهي، مجموعي رقم کي هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالرن مان وڌائي ٻه ڪروڙ 50 لک ڊالر ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت آمريڪا وينزويلا جي گهرو وزير ۽ بچاءَ واري وزير جي گرفتاري تي به ڏيڍ – ڏيڍ ڪروڙ ڊالر جو انعام رکيو آهي.
آمريڪا وينزويلا جي صدر ۽ ٻين تي ڪرپشن ۽ منشيات سمگلنگ جا الزام هنيا آهن، 2020 ۾ مادورو انهن الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.