ڪابل(م ڊ) ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مصري افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير مولوي عامر خان متقي سان ملاقات ڪئي ۽ ايران جي چابهار بندرگاهه ذريعي ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. افغانستان جي اسلامي امارت جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل اعلان موجب اجلاس ۾ افغانستان جي واپار ۽ ٽرانسپورٽ جي نائب وزيرن شرڪت ڪئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ڀارتي وفد کي يقين ڏياريو ته افغانستان ڪنهن به ملڪ لاءِ خطرو ناهي، اميد آهي ته سفارتي لاڳاپا وڌائڻ ۽ افغان واپارين، مريضن ۽ شاگردن لاءِ ويزا سسٽم کي آسان بڻايو ويندو.