واءِ فاءِ رائوٽر ذريعي حساس ڄاڻ جي چوري، ڪابينا ڊويزن خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واءِ فاءِ ۽ وائر ليس نيٽ ورڪس ذريعي حساس ڄاڻ چوري ٿيڻ جي خدشي تي وائرليس رائوٽر کي گهٽ کان گهٽ محفوظ ڊيوائس قرار ڏنو ويو آهي.
ڪابينا ڊويزن ان حوالي سان سمورين وفاقي وزارتن، ڊويزنز ۽ صوبائي حڪومتن کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته واءِ فاءِ ذريعي نيٽ ورڪ ٽريفڪ ۾ آساني سان مداخلت ٿي سگهي ٿي، رائوٽر اپڊيٽس ذريعي انٽرنيٽ ٽريفڪ کي غير محفوظ رستي ڏينهن موڙي سگهجي ٿو.
خط موجب واءِ فاءِ نيٽ ورڪ ذريعي ڊائريڪٽريز ۽ فائلز کي آساني سان شيئر ڪري سگهجي ٿو.
خط ۾ واهپيدارن کي واءِ فاءِ جي پاس ورڊ کي ڳجهو رکڻ جي سفارش ڪندي واءِ فاءِ جو نالو ۽ آءِ ڊي ڳجهي رکڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.
خط ۾ اهم ڄاڻ بچائڻ لاءِ گيسٽ نيٽ ورڪ بند ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.