ڪراچي ( رپورٽر ) 15 سالن جي ھندو نياڻي ڪاجل ڌيءَ ديارام جي غير قانوني شادي ۽ زبردستي مذھب مٽائڻ خلاف سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ميرپور خاص کي 8 جنوري 2025ع تي ليٽر لکي قانوني قدم کڻڻ ۽ پنجن ڏينھن اندر تفصيلي رپورٽ سنڌ ھيومن رائيٽس کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آھي. تفصيل مطابق تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي قريشي ڳوٺ ۾ رھندڙ ھندو نياڻي ڪاجل جنھن جي عمر 15 سال آھي، تنھن ساڳئي ڳوٺ جي نوجوان پنھل پٽ محمد اڪبر سان 30 ھين ڊسمبر2024ع تي نڪاح ڪرڻ جو واقعو منظر تي آيو ھو، جنھن خلاف نياڻي جي والد ڪامريڊ ديارام انساني حقن جي تنظيمن ۽ حڪومت جي اختيارين کي نوٽيس وٺندي اپيل ڪئي ھئي تھ سندس نياڻي 15 سالن جي جيڪا نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ آھي، جنھن کي علائقي جي بااثرن ۽ مذھبي اڳواڻن مون خلاف ھڪڙي سازش تحت زبردستي اغوا ڪري، مذھب مٽائي سندس نڪاح ڪرايو آھي، جيڪو مون سان سراسر ناحق آھي، جنھن جو ھيومن رائيٽس آف ڪميشن پاران پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ويو آھي.