”پاڪستان ۾ حرام جانورن جو گوشت، ڪيميڪل وارو کير ۽ پلاسٽڪ جا چانور کپي رهيا آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪتن، گڏهن ۽ ڏيڏرن جو گوشت وڪرو ٿيندو آهي، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ کپايو ويندڙ 70 سيڪڙو کير ڪيميڪل آهي.
سينيٽ جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيد مسرور احسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ يورپي يونين کي باسمتي چانور جي برآمد ۾ بدانتظامي جا مسئلا بحث هيٺ آيا.
فوڊ سيڪيورٽي اختيارين ٻڌايو ته 2024 تائين يورپي يونين کي چانور جون 10 هزار 300 کيپ موڪليون، 107 کيپ تي يورپي يونين اعتراض اٿاريو، ايف آءِ اي چانورن جي ايڪسپورٽ ۾ بدانتظامي خلاف 17 ايف آءِ آرز ڪيون، اهي سموريون ايف آءِ آرز ملوث آفيسرن ۽ ملازمن خلاف داخل ڪيون ويون.
اختيارين موجب 17 مان 11 جوابدار گرفتار آهن، ٻه اشتهاري ۽ 4 ضمانت تي آهن، يورپي يونين اعتراض کانپوءِ کيپ واپس موڪلي ڇڏيندي آهي يا وري وارننگ ڏيندي آهي.
سينيٽر ايمل ولي چيو ته جيڪا کيپ اوڪي ڪري رواني ڪئي ويندي آهي ته پوءِ فنگس ڇو لڳي ويندو آهي؟ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جا چانور به کپايا ويندا آهن.
سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته قوم جيڪي چانور کائي رهي آهي، انهن کي چيڪ ڪرڻ جو ڪو مڪينزم ناهي.
ايمل ولي چيو ته هڪ رپورٽ موجب ملڪ ۾ جيترو کير کپايو ويندو آهي، ايترو آهي ئي نه، کپائي ويندڙ کير جي ڀيٽ ۾ پيداوار رڳو 22 سيڪڙو آهي، 70 سيڪڙو کير ڪيميڪل آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪتن، گڏهن ۽ ڏيڏر جو گوشت کپايو ويندو آهي.
نيشنل فوڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ ڪا گڏيل پاليسي ناهي، ايمل ولي چيو ته جيڪڏهن ڪا پاليسي ناهي ته ڇو نه هيءَ ڪميٽي گڏجي هڪ پاليسي ٺاهي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي فوڊ سيفٽي بابت پاليسي سازي لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.