پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر فخر زمان 8 مهينن جي جي وقفي کانپوءِ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي لاءِ پُراميد آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ هو بيمار ٿي پيو هو جنهن سبب هو ٽيم جو حصو نه رهيو، پر هاڻي مڪمل طور صحتياب آهي ۽ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سئو سيڪڙو پُراميد آهي.
صائم ايوب جي انجري جو ذڪر ڪندي فخر زمان چيو ته هو نوجوان اوپنر جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صائم جنهن نموني بيٽنگ ڪري رهيو آهي ۽ هو جيترو باصلاحيت ڪرڪيٽر آهي، جيڪڏهن هو چار پنج سال لاڳيتو کيڏي ويو ته دنيا جي بهترين بيٽرز ۾ ڳڻيو ويندو.
فخر زمان هن وقت آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏڻ لاءِ گڏيل عرب رياستن ۾ موجود آهي، هو ڊيزرٽ وائپرز جي نمائندگي ڪندو، محمد عامر ۽ اعظم خان به ان ٽيم جو حصو آهن.
ياد رهي ته گذريل سال انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز مان بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ تي فخر زمان کي بيان ڏيڻ مهانگو پئجي ويو هو، فخر نه رڳو سينٽرل ڪانٽريڪٽ تان هٿ ڌوئي ويٺو پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو هو.
Next Post
You might also like