ڀارتي شهري ڳوٺ ۾ گهڙندڙ شينهن کي پُڇ کان پڪڙي ڪيترن ئي ماڻهن کي بچائي ورتو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرناٽڪ رياست جي ضلعي تمڪورو جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص شينهن کي پُڇ کان پڪڙيو.
رپورٽن موجب شينهن ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳوٺ ۾ آزادي سان گهمي رهيو هو، جنهن تي ڳوٺاڻن ۾ خوف هراس پکڙيل هو ۽ ڪوششن باوجود شينهن پڪڙجي نه سگهيو پر ٻهراڙي جي شخص بهادري جو مظاهرو ڪندي شينهن کي پڪڙي ريسڪيو اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيو.
وائرل وڊيو ۾ ريسڪيو اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن کي شينهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان ئي دوران آنند نالي شخص تڪڙ ۾ شينهن کي پُڇ کان ٿو پڪڙي، جنهن کانپوءِ اهلڪارن ڳوٺاڻن جي مدد سان شينهن کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو.
Prev Post
Next Post
You might also like