ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي انٽرميڊئيٽ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه چيو آهي ته انٽر بورڊ امتحانن ۾ ڪيترائي شاگرد اهڙا به هئا، جن امتحاني ڪاپين ۾ گانا، ڪهاڻيون ۽ رڳو سوال ناما لکيا هئا.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرف علي شاهه چيو ته چارج وٺندي ئي نتيجن جي جاچ بابت هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ مضمونن جي ماهرن ۽ هڪ پرنسپل کي ڪميٽي جو ڪنوينر بڻايو ويو آهي.
هن چيو ته ٻارن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، شڪايتي سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ڪنهن کي ڪا ڏکيائي نه ٿئي، جڏهن ته جاچ لاءِ هيڊ ايگزامينر جي ميٽنگ به گهرائي هئي، ايگزامينر ٻڌايو ته ڪجهه ٻارن ڪاپين ۾ ڪهاڻيون، گانا ۽ سوال ناما لکيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن ٻار ڪاپي ۾ هزار رپين جو نوٽ رکيو ۽ لکيو ته منهنجي گنجائش ايتري ئي آهي، مهرباني ڪري مون کي پاس ڪيو.
You might also like